استاد شفيع فقير

استاد شفيع فقير

استاد شفيع فقير

استاد، شفيع فقير: استاد شفيع فقير، ٿرپارڪر جي گڍڙي نالي وسنديءَ ۾ فقير موليٰ بخش جي گهر 1960ع ڌاري ڄائو. راڳ ويراڳ کيس ورثي ۾ مليو آهي، ڇو ته سندس خاندان پيڙهين کان وٺي ڳائيندو پيو اچي. هن راڳ جي باقاعدي تربيت استاد شادي فقير کان ورتي. ان کان سواءِ هن استاد مجيد خان (سارنگي نواز) کان پڻ ڪافي گُر ۽ سُر سکيا. ٿر هونئن به سُر سنگيت ۽ ثقافتي ورثي جي لحاظ کان مالا مال آهي، پر ٿر موسيقيءَ جي ميدان ۾ جيڪي به سريلا فنڪار پيدا ڪيا آهن، تن ۾ موجوده دور ۾ استاد شفيع فقير جو نالو مٿانهون آهي. هو سنڌي پرڪاش، لوڪ راڳ ۽ ڪلاسيڪي موسيقيءَ کان نه رڳو واقف آهي پر انهن تي عبور به رکي ٿو.هن ريڊيو ۽ ٽي .وي تان هڪ ئي سال 1989ع ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، سندس پسند جي راڳن مان مالڪوس، درٻاري، راڻو، سورٺ، ڀيرومارو، ڪوهياري ۽ ڀيروي شامل آهن. هن شاهه لطيف، صوفي صادق فقير، منٺار فقير، ڀڳت ڪبير، ميران ٻائي، سچل سرمست، بلهي شاهه، خواجه غلام فريد، مصري شاهه، مل محمود، محمد فقير کٽياڻ، رکيل شاهه، بيدل سائين ۽ ٻين صوفين ۽ ويدانتي شاعرن کان سواءِ جديد شاعرن مان شيخ اياز، استاد بخاري، امداد حسيني، نارائڻ شام، حليم باغي، اياز گل، وفا پلي، حاجي ساند ۽ ٻين کي به خوب ڳايو آهي. ڪافيءَ جي شاعرن مان حسن بخش شاهه ڊٺڙي واري، صوفي خوش خير محمد، طالب الموليٰ، عبدالڪريم پلي، عارف الموليٰ ۽ ٻين کي ڳائي پاڻ مڃائي چڪو آهي.


لفظ استاد شفيع فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.00.00  عيسوي

استاد، شفيع فقير: استاد شفيع فقير، ٿرپارڪر جي گڍڙي نالي وسنديءَ ۾ فقير موليٰ بخش جي گهر 1960ع ڌاري ڄائو



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رتن جوتو مل ڇڳاڻي
ديبا سحر
حسين بخش خادم
شمشاد بيگم
استاد مبارڪ علي خان
استاد ظفر علي خان
عابده پروين
استاد منظور علي خان
عرس چانڊيو
اداسي الهبچايو زنئور
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون